عبدالحق شيخ

عبدالحق شيخ

عبدالحق شيخ

عبدالحق شيخ: نامور تعليمدان ۽ ليکڪ عبدالحق ولد عبدالله شيخ ڪوٽڙي، ضلعي ڄام شوري جو رهاڪو هو. سنڌ مدرسي مان تعليم پرائڻ بعد سنڌ مدرسي ۾ پڻ استاد مقرر ٿيو. جتان ترقي ڪري فرسٽ اسسٽنٽ ڊپٽي انسپيڪٽر آف اسڪولس جي عهدي تي پهتو. هي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر ضلعن جي مٿان آفيسر رهيو. 1914ع ۾ ڊپٽي ايجوڪيشنل اسڪولس جي چارج وٺڻ بعد ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر جا ضلعا سندس حوالي ڪيا ويا، هي ضلعي جيڪب آباد جي پرائمري اسڪولن مٿان آفيسر طور به خدمتون سرانجام ڏنيون. نوڪري دوران هن تعليم وڌائڻ لاءِ نهايت ئي سرجوشي سان ڪم ڪيو. هن ڪيترائي نصابي ڪتاب پڻ لکيا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: هندستان جي مختصر جاگرافي 1888ع، ايشيا کنڊ جي جنرل جاگرافي 1888ع، سنڌ جي نئين جاگرافي 1918ع، سنڌ جي سليس جاگرافي 1927ع ۽ سنڌ جي پنهنجي مختصر تواريخ 1888ع قابل ذڪر آهن. سندس جاگرافي جا ڪتاب ان وقت نصاب ۾ پڻ شامل رهيا.


لفظ عبدالحق شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو